راولپنڊي: (م ڊ) وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ٻه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان بحرين جي پرڏيهي وزير شيخ خالد بن احمد جي ايڇ ڪيو ۾ ۾لاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ بحرين جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪيو ۽ ساراهيو هو.ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت خطي جي سيڪيورٽي صورتحال به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير گڏيل لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم جاري رکڻ جو واعدو ڪيو هو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا برونائي فوج جي ڪمانڊر ميجر جنرل پينگران داتو پدوڪا سري سان به الڳ ملاقات ڪئي هئي.