وزيراعظم خلاف قومي اسيمبلي ۾ رٿ آڻڻ جي ڪوشش: نواز شريف دنيا کِلائي ڇڏي آهي: مخالف ڌر

اسلام آباد(بيورو) گڏيل مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران وزيراعظم خلاف رٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته استحقاق واري رٿ ڏني آهي، صرف منهنجو نه پر ايوان جو استحقاق ڪِريو آهي. هن چيو ته ڪنهن بيورو ڪريٽ يا آفيسر نه پر وزير اعظم استحقاق مجروح ڪيو. هي پنهنجي قسم جو هڪ ڌار ڪيس آهي جنهن ۾ ايوان جو استحقاق خراب ٿيو آهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان جڳ ۾ بي عزتي ٿي آهي. اسپيڪر صاحب ڪوڙ ۽ ڀوڳ جو فرق ته ٻڌائي، وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ سان مذاق ڪيو. وزير اعظم پارليامينٽ جو احترام نه ڪندو ته ڪير ڪندو. خورشيد شاهه چيو ته الله رحم ڪري، هن پارليامينٽ سان ڇا ٿيندو؟. قومي اسيمبلي ۾ هڪڙي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ عدالت ۾ وري ٻي. هاڻي ته بي بي سي به ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *