وزيراعظم جي پيشي، جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ڀرپاسي نواز شريف جي حمايت ۾ بينر لڳي ويا

اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم نواز شريف خميس تي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيندو، انتظاميه صفائي سٿرائيءَ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روڊن ۽ رستن تي پوسٽر لڳي ويا آهن. وزيراعظم نواز شريف جمعي تي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيندو، سندس پيشي کان اڳ مسلم ليگ ن اڳواڻ فعال ٿي ويا آهن. اسلام آباد جي ريڊ زون ۽ خاص طور وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي جي ڀرپاسي وزيراعظم نواز شريف جي حمايت ۾ بينر لڳي ويا آهن. بينرن ۾ وزيراعظم نواز شريف کانسواءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون تصويرون  به آهن، جڏهن ته انهن تي قدم بڙهائو نواز شريف هم تهماري ساٿ هين لکيل آهي. ٻئي طرف سي ڊي اي جوڊيشل اڪيڊمي جي مرڪزي ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي  مرمتي ڪم به تيزيءَ سان مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ۽ مرمتي ڪم جو جائزو خاص طور حنيف عباسي ۽ مير اسلام آباد انصر عزيز وٺي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *