وزيراعظم جي نڪ جي هيٺان ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪيستائين ڪرپشن جي حمايت ڪندو رهندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وفاقي وزير رياض پيرزادي جي حمايت ۾ چيو آهي ته وزيراعظم جي نڪ هيٺان ڪرپشن ٿي رهي آهي هو ڪيستائين ڪرپشن جي حمايت ڪندو رهندو. هڪ بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڪيترن ئي پيسن ۾ وزيراعظم سچو نظر نه آيو آهي وزيراعظم جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته هو پاڻ پاناما ۾ ملوث آهي ڪرپشن ڪيئن روڪيندو؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڀارتي اسٽيل ٽائوڪون سان ملاقات اهو ثابت ڪيو آهي ته نواز شريف جو ڀارت ۾ به ڪاروبار هلي رهيو آهي. اتي ان جي محبت وطن هجڻ تي شڪ ۽ شعبا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي ان لاءِ پاڻ کي محب وطن ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿي چڪو آهي، دولت جي نشي ۾ وزيراعظم اهڙا لاڳاپا قائم ڪري رهيو آهي، چوريءَ چوريءَ ملاقاتون ڪرڻ نواز شريف جي پراڻي عادت آهي وزيراعظم ڀارتي بزنس مين سان ملاقات بابت قوم کي آگاهه ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *