اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاور ڊويزن کي بجلي گهرن جا سمورا يونٽ فعال رکڻ ۽ رمضان شريف ۾ سحر ۽ افطار جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ سردار اويس احمد لغاري، مفتاح اسماعيل ۽ لاڳاپيل وزارت ۽ کاتي جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس دوران توانائي جي شعبي بابت معاملن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ايندڙ مهينن خاص طور تي رمضان شريف دوران لوڊ مئنجمينٽ منصوبي جو جائزو ورتو ويو بجلي جي شعبن ۾ سڌاراتي ايجنڊا تي غور ڪندي توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي معياري انساني وسيلا حاصل ڪرڻ ۽ توانائي واري وزارت ۾ ڀرتين واري عمل کي صحيح نموني هلائڻ لاءِ ضرورتن جو ڪاٿو جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن گهربل انساني وسيلن جي بروقت ڀرتي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته موجوده بجلي گهرن جا سمورا يونٽ فعال رکيا وڃن ۽ ڀلاري مهيني ۾ بجلي مسلسل ڏني وڃي ۽ ڪابه لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.