اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف رمضان ۾ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جا تڪڙا انتظام نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ دوران لوڊشيڊنگ فوري گهٽائڻ جي هدايت به جاري ڪئي آهي، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس لاڳيتو ٻئي ڏينهن ٿيو، جنهن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سان لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو، سيڪريٽري پاڻي بجلي اجلاس کي ملڪ ۾ دستياب بجلي جي استعمال تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي موجوده طلب ۽ رسد جي حوالي سان درست انگ اکر گڏ ڪيا وڃن، بجلي جي طلب ۽ رسد بابت ايندڙ 12 کان 36 مهينن جا درست انگ اکر گڏ ڪيا وڃن، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ٿرڊ پارٽي آڊٽ ذريعي گردشي قرض جو نئين سر تعين ڪيو وڃي، آڊٽ ذريعي فيول جي ادائگين، لائن لاسز ۽ ٻين حقيقتن جو جائزو ورتو وڃي، توانائي جي شعبي جي اهم معمالن تي فيصلو ڪرڻ لاءِ صوبائي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ جاري بجلي جي بحراني صورتحال تي به غور ڪيو ويو، ڪراچي کي بجلي جي سپلاءِ ۾ رنڊڪ جي سببن تي پاڻي بجلي وزارت جي عملدارن بريفنگ ڏني، رمضان ۾ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جي بروقت انتظام نه ڪرڻ تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ دوران لوڊشيڊنگ فوري گهٽ ڪرڻ جي هدايت به جاري ڪئي آهي.