وزيراعظم جي صدارت هيٺ فاٽا سڌارن تي عملدرامد بابت جائزي وارو اجلاس

اسلام آباد (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ قبائلي علائقي (فاٽا) جي عوام کي احساس تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ انضمام جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حوالي سان رنڊڪون ۽ مشڪلات جي خاتمي جي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي بهتر نموني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف ۽ پارليماني معاملن جي وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آهي سومر تي نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصرالمڪ جي صدارت هيٺ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿجنهن ۾ وفاقي قانون وارو وزير بئريسٽر سيد علي ظفر، وزيراعظم جو سيڪريٽري، سيڪريٽري سيفران، ناڻو ۽ رٿابندي ڊويزن جا سيڪريٽريز چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين سينيئر عملارن شرڪت ڪئي چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه محمد اعظم خان فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ فاٽا انضمام جي حوالي سان پارليمان مان تازو ئي منظور ٿيل آئيني ترميم جي عملي لاڳو ٿيڻ جي حوالي سان مختلف انتظامي قانوني ۽ مالياتي اشوز جي نشاندهي ڪئي. جيڪا فاٽا جي انضمام واري عمل کي بهتر نموني عملي بنائڻ لاءِ ترت توجهه جي گهرجائو آهي هن وقت تائين ٿيندڙ قدمن جو ذڪر ڪندي چيف سيڪريٽري چيو ته ايجنسين ۽ فرنٽيئر رينجز کي هاڻي خيبرپختونخواهه جي ضلعن ۽ سب ڊويزنن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ اسسٽنٽ پوليٽيڪل جا عهدا تبديل ڪري هاڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻايا ويا آهن اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايجنسي ڊيولپمينٽ فنڊ جي خاتمي کان پوءِ سموريون ٽيڪسون ليوي ۽ راهداري جو سلسللو بند ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ناصل الملڪ چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن جو خيبرپختونخواهه سان انضمام هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي جنهن جا فاٽا جي عوام جي زندگين تي ڪافي بهتر اثر پوندا ۽ هي علائقا ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندا وزيراعظم ان ڏس ۾ سمورا انتظامي قانوني ۽ مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو اجلاس ۾ وفاقي وزير قانون، انصاف ۽ پارليماني معاملن جي چيئرمين شپ ۾ هڪ ڪميٽي جو قيام به عمل ۾ آندو ويو هي ڪميٽي فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي ڏس ۾ رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي بهتر نموني مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي. ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه محمد اعظم خان ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه، گهرو سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ايس سي ايس فاٽا ۽ ناڻو روينيو ۽ منصوبا ڊويزن جا نمائندا شامل هوندا ڪميٽي کي پنهنجو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *