وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو
March 14, 2017 at 6:44 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪيو ويندو ۽ امن ۽ ترقي جي دشمنن جي ارادن کي ڪنهن صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وزيراعظم نواز شريف هدايت ڪئي ته ردالفساد جي رفتار کي تيز ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ضروري اهي، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نويد مختار، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعه سميت ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آپريشن ردالفساد جي هاڻي تائين جي نتيجن ۽ ڪاميابين جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هٿياربند فوجن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ دهشتگردي ٽوڙ موجود قانونن ۽ موثر عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.