اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پارليماني اڳواڻ جي اجلاس ۾ تڪ بندين جي بابت بل تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪيو ويو ۽ بل کي 19 ڊسمبر تي سينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جمعي تي وزيراعظم گذريل ڏينهن پارليماني جماعتن جي اڳواڻن کي ناشتي تي گھرايو جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ ڪجھه جماعتن جا اڳواڻ وزيراعظم هائوس پهتا جڏهن ته حڪومت جا اهم اتحادي مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي اجلاس ۾ نه پهتا، وزيراعظم پارليماني اڳواڻن سان ناشتي جي ميز تي خاص معاملن جي مشاورت ٿي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ پارليماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پ پ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، عوامي مسلم ليگ جا اڳواڻ شريڪ ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ ، جي يو آءِ (ف) ۽ پختونخواهه ميپ مان ڪنهن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيل هن اهم اجلاس ۾ تڪ بندين جو بل فاٽا سڌارن جو بل ۽ آدمشماري تي اپوزيشن جي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ذريعن مطابق اجلاس ۾ تڪ بندين بابت بل تي ڊيڊِ لاڪ ختم ٿي ويو ۽ ان حوالي سان سمورا خدشا ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي جنهن کانپوءِ بل 19 ڊسمبر تي سينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ذريعن مطابق تڪ بندين جي معاملي جو جائزو ۽ ان جي حل لاءِ چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي ج نهن ۾ سينٽر مشاهدالله، مير حاصل بزنجو، تاج حيدر ۽ مشاهد حسين سيد شامل ٿيندا، ذريعن ٻاڌيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فاٽا سڌارا بل جي معاملي تي پارليماني اڳواڻن جو هڪ الڳ اجلاس سڏايو ويندو جيڪو ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن طلب ڪرڻ جو امڪان اهي ذريعن مطابق اجلاس ۾ اعتزاز حسن ٻڌايو ته آدمشماري ۽ تڪ بندين جو معاملو بهتر نموني سان طئي ڪيو ويو آهي ان ڳ الهه تي اتفاق ٿيو آهي ته ان حوالي سان جوڙيل چار رڪني ڪميٽي ۾ پنجين ميمبر پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو عثمان ڪاڪڙ هوندو. اعتزاز احسن مطابق ان حوالي سان جيڪي به اعتراض هوندا جلد کان جلد هڪ کان ٻن هفتن ۾ حل ڪيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم خود ان جي نگراني جو اعلان ڪيو آهي ذريعن مطابق اجلاس ۾ چيو ويو ته جيئن ئي تڪ بندين جو بل 19 ڊسمبر تي سينٽ مان منطور ٿيندو ان کانپوءِ اليڪشن شيڊول جو اعلان ٿيندو، اليڪشن و قت تي ٿيندي.