ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ جي 229 ارب رُپين تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، هن ڀيري به ايف بي آر کان 761 ارب رُپين جي جاءِ تي 535 ارب رُپيا ڏنا ويا. ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪراچي، صحت، تعليم ۽ زراعت کانسواءِ ٻين کاتن لاءِ فنڊز گهٽ رکيا ويا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته هر ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ اسپتالون ۽ ليباريٽرز قائم ڪرڻ سوڌو ڊاڪٽرز کي الائونس ڏيڻ لاءِ پئسا رکيا آهن. هن چيو آهي ته ننڍن آبادگارن سوڌو واپارين ۽ ڪارخانيدارن کي به قرض ڏنا ويندا، ڪورونا ۽ ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ سبسڊي رکي وئي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته پگهارون وڌائي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڏکئي وقت ۾ به سرڪاري ملازمن کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي. وڏي وزير چيو آهي ته هو وزيراعظم جي ذاتي راءِ تي عمل ڪرڻ جو پابند نه آهي، لاڪ ڊائون جي حوالي سان اين سي اوسي سي ۾ گڏيل راءِ سان ٿيل فيصلن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاق جي نااهليءَ جو نتيجو صوبن کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، صوبن وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو جي ڊي پي کي بهتر بڻائي سگهن. جن چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اعتراف ٿو ڪيان ته مون کي ڪا خاص اميد ناهي، ڇاڪاڻ ته وفاق جي ڏنل انگن اکرن تي وڏا شڪ آهن. هن چيو آهي ته وفاق ڪورونا جو عذر ڄاڻائي گهٽ وصوليون ڪيون آهن پر ان کان اڳ 9 مهينن ۾ به وفاق وصوليون نه ڪري سگھيو. وڏي وزير چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جي پهرين سال ئي ملڪي تاريخ ۾ نااهلي سبب ايف بي آر ٽارگيٽ ميٽ نه ڪري سگهي. وڏي وزير چيو آهي ته هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ ۽ ليبارٽريز لاءِ فنڊ رکيا آهن ۽ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي الائونس ڏيڻ لاءِ پيسا رکيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته نين رٿائن لاءِ 15 ارب روپيا رکيا آهن، ڪورونا جي لاءِ 34 ارب روپيا رکيا ۽ 20 ارب روپيا ڪورونا متاثرن کي ڪيش رليف ڏينداسين. وڏي وزير چيو آهي ته 5 ارب رپيا ننڊن واپارين ۽ ڪارخانيدارن کي ننڍا قرض ڏينداسين، هارين کي به ننڍا قرض ڏنا ويندا، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ لاءِ پنج سئو ملين روپيا سسبڊي لاءِ رکيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا ۽ ماڪڙ کي نظر ۾ رکندي سسبڊيز ڏنيون، ڪورونا بابت مان پنهنجي پوائنٽ آف ويو تي بيٺل آهيان، سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان ڪورونا کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مان پهرين گڏجاڻي ۾ ايئرپورٽ بند ڪرڻ ۽ لاڪ ڊائون جي صلاح ڏني هئي، ڪالهه الزام هنيو ويو ته مراد علي شاه پاڻمرادو لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو جيڪا غلط ڳالھ آهي. هن چيو آهي ته سمورا فيصلا اين سي سي ۾ ٿيا آهن پر اين سي سي جي صدارت ته وزيراعظم ڪندو هو، اسان سمورين پارٽين ۽ گورنر سان صلاح ڪري 23 مارچ تي لاڪ ڊائون ڪيو. هن چيو ته الزام هنيو ويو ته مراد علي شاھ کي فالو ڪندي ٻين صوبن به لاڪ ڊائون ڪيو، ڇا وزيراعظم کان وسري ويو آهي ته پهرين اپريل تي جيڪي به فيصلا ڪيا وفاق ڪيا. هن چيو آهي ته اين سي سي جي ڪنهن به فيصلي جي مان ڀڃڪڙي نه ناهي ڪئي، پوءِ به الزام هنيا پيا وڃن ته مان ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وڏي وزير چيو آهي ته مسجدن ۾ ايس او پي واري معاملي کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وزيراعظم جي ذاتي فيصلي جو پابند ناهيان پر اين سي سي جو پابند ضرورآهيان. وڏي وزير چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن کان مريضن ۽ فوتگين جو ريشو سڀ کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم کي اپيل ٿو ڪيان ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاء قدم کڻي. وڏي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ جنوري 2019ع کان جون تائين 70 ماڻهن آپگهات ڪيو پر سال 2020 دوران آپگهات جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.