وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ کي وزارت عظميٰ جي اميدوار بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ن ليگ کي وزارت عظميٰ جي اميدوار بابت اڳ ئي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن انهن پنهنجو اميدوار تبديل نه ڪيو ته اسان پنهنجو فيصلو ڪنداسين. واضح رهي ته پيپلز پارٽي ن ليگ طرفان وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار شهباز شريف جي حمايت کان انڪار ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *