وزيراعظم جي اختيار کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف درخواست رد، جي سولو فلائيٽ جي آئين ۾ گنجائش ناهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، وفاقي ڪابينا کي باءِ پاس ڪرڻ بابت وزيراعظم جي اختيار کي ڪالعدم قرار ڪرڻ خلاف حڪومت جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ، حڪومت جي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل حڪومتي اپيل تي دليل ڏيندي چيو ته حڪومتي معاملن لاءِ مضبوط وزيراعظم جي ضرورت آهي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ۾ وزيراعظم جي سولو فلائيٽ جي گنجائش ناهي، ٽيڪس ڇوٽ ۽ ليوي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي. جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته آئين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته وزيراعظم يا ڪو وزير توڙي صلاحڪار اڪيلو وفاقي حڪومت آهي، رولز ڪڏهن به آئين کان بالاتر نه ٿا ٿي سگهن. جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم ڪابينا جي منظوري کانسواءِ جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هر وفاقي وزير وفاقي حڪومت چورائيندو، ان تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته آئين ۾ وفاقي حڪومت جي تعريف بيان ناهي ڪئي وئي وفاقي حڪومت ڪابينا جي مجموعي کي چيو ويندو آهي. ٻـُڌڻي بعد سپريم ڪورٽ وزيراعظم طرفان ڪابينا کي باءِ پاس ڪرڻ واري معاملي تي وفاق جي نظرثاني واري اپيل خارج ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *