وزيراعظم جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جي تاريخ لکي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( بيورو ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف قانون جي حڪمراني لاءِ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڄ فخر آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم  نواز شريف عدليه جو رتبو وڌائڻ لاءِ روڊن تي نڪتو، هن قوم کي خطاب ۾ چيو ته جڏهن به سپريم ڪورٽ کيس گهرايو هو پيش ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ڪنهن کي چيلهه جي سور، دل جي تڪليف، ڪڏهن دماغي توازن ٺيڪ نه هئڻ جو بهانو بڻايو ويو، ڪنهن جي دماغي مرضن بابت به سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايا ويا. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پاڻ عدالتن کان ڀڳل آهي، 2018ع ۾ قوم ساڻس اهڙو حشر ڪندي جو پاڻ چوندو ماضي جي ياد عذاب آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي نوٽيس بعد ۾ مليو هن جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو پهريون ڪيو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم قانون جي حڪمراني لاءِ نئين تاريخ لکي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *