وزيراعظم جو 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.وزيراعظم عمران خان نوجوانن بابت سندس خاص مددگار عثمان ڊار ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽائيگر فورس ۽ ملڪ ۾ وڻڪاري مهم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ٽائيگر فورس کي خاص پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو، ٽائيگر فورس 9 آگسٽ تي وڻڪاري مهم جي قيادت ڪندي.هن چيو ته هڪ ڏينهن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻ پوکڻ جو رڪارڊ جوڙينداسين، اسان 2023 تائين 10 ارب وڻ پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، پاڪستان ۾ وڻ پوکڻ ٻن سببن جي ڪري ضروري آهن، اهي سبب گدلاڻ ۽ گلوبل وارمنگ آهن.سندس چوڻ هو ته گدلاڻ سبب ماڻهن جي صحت تي اثر پئي ٿو، تنهن ڪري هر ڪنهن کي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ پاڻ به وڻڪاري مهم ۾ ٽائيگر فورس جو حصو بڻجندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *