اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف مهمند ايجنسيءَ ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، گذريل رات افغانستان جي طرف کان دهشتگرد پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملي تي وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردجي اجائي سوچ آهي ته هو پاڪستاني قوم جا حوصلا لوڏي سگھندا، وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع جي لاءِ بهادر جوانن جون قربانيون قوم جي بقاءَ جون ضامن آهن، ڦڙت جوانن جي ڪري پاڪستان مضبوط تر ٿي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته آپريشن ردالفساد هر دهشتگرد خلاف آهي ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ختم ڪري دم پٽينداسين.36