وزيراعظم جو هاڻ پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻ پيرسن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ٿيندو.احساس پروگرام جي تحت ٽن وڏن بندوبستن واري آغاز جي تقريب کي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان جي عوام ۾ خيرات جو جذبو گهڻو آهي، ماڻهن کي جڏهن اعتماد ٿي ويندو ته انهن جو ڏنل پيسو صحيح جاءِ تي وڃي رهيو آهي ته هو دل کولي عطيا ڏيندا، شوڪت خانم اسپتال جي اڏاوت واري مهم ۾ مون کي امير ماڻهن بدران عام ماڻهن وڌيڪ پيسا ڏن ، وزير اعظم ريليف فنڊ ۾ به 50 سيڪڙو پيسوعام ماڻهن ڏنو ڇو ته هو آخرت تي ۽ الله تي ايمان رکن ٿا. عمران خان چيو ته ڪورونا جي ڪري پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو، صوبا مون کان پڇن ها ته ڪڏهن به اهڙو لاڪ ڊائون نه هڻن ڏيان ها، اهڙا فيصلا ڪرڻ وقت سوچڻ گهرجي ته ماڻهن تي ڪهڙا اثر پوندا، جيستائين هي نه سوچيندا ته ڏهاڙي دار، غريبن جو روزگار کسجي ويندو ته ڇا ٿيندو جيڪو روز ڪمائيندو آهي ته ٻار کائيندا آهن، جيستائين انهن ماڻهن نه سوچيندا پورو لاڪ ڊائون نه ڪرڻ گهرجي، پر ملڪ ۾ افراتفري مچي وئي، چين ۽ يورپ کي ڏسي سڀني چيو ته وبا پکڙجي وئي آهي ۽ اسان سخت لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو، مون تي وڏي تنقيد ٿي پر شڪر آهي منهنجي ڳالهه ٻڌي وئي، اسان وبا کي منهن ڏئي سخت لاڪ ڊائون ناهي ڪيو.وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان لاڪ ڊائون ڪيو ان سان سروس سيڪٽر تباهه ٿي ويو، ان کي منهن ڏيڻ ۽ ڪورونا سبب بيروزگار ٿيلن جي لاءِ اسان وزير اعظم ريليف فنڊ شروع ڪيو، احساس پروگرام جي تحت گهٽ وقت ۾ گهڻي شفاف طريقي سان پيسا ورهايا جنهن سان ماڻهن کي ريليف مليو، پيسا ورهائيندڙ لاڙڪاڻي واري آفيس جو دورو ڪيو ته افسوس ٿيو، درزي ۽ ٺيلهي وارا آهن، مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٺيلهي وارن کي ڇو بند ڪيو ويو.عمران خان چيو ته ڪورونا کان پهرين ئي روڊن تي سمهندڙن لاءِ پناهه گاهه ۽ لنگر جو بندوبست ڪيو، اسلام آباد ۽ لاهور سميت ملڪ ۾ سخت ٿڌ ۾ ماڻهو روڊن تي سمهي رهيا هئا، اِها معاشري جي لاءِ ڏاڍي شرم جوڳي ڳالهه آهي، پارليمنٽرينز ۽ وزيرن کي چوان ٿو ته پناهه گاهن ۾ وڃو ۽ ماڻهن سان گڏ ماني کائو ۽ حال پڇو، پناهه گاهن ۾ واڌ ڪنداسين ۽ ملڪ کي ان سطح تي کڻي وينداسين جنهن ۾ طبقي جي لاءِ رحم ۽ احساس هجي.سندس چوڻ هو ته اسان جي لاءِ چيلينج اِهو آهي ته واپار به کليل رهي ۽ ماڻهن کي احساس به ڏرايو ته ايس او پيز موجب ڪم ڪرڻو آهي، اسان جو ايندڙ مهينو ڏکيو آهي جنهن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ٿيندو، هاڻ سڀ کان وڏو اِهو ڪم ڪرڻو آهي جن ماڻهن جي سرن کي خطرو آهي جن ۾ بيمار ۽ پوڙها ماڻهو شامل آهن مثال شگر، بلڊ پريشر، دل جي بيمارين وارا ماڻهو انهن لاءِ لاڪ ڊائون ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *