وزيراعظم جو سئوٽ طارق شفيع جي آءِ ٽي ۾ پيش، اڄ حسن نواز، سڀاڻي حسين نواز ۽ پرهين مريم نواز طلب

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف جو سئو طارق شفيع پاناما پيپرز جي جاچ بابت جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيو، جي ٽي آءِ جي سوالن جا جواب ڏنا، آچر تي پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ قائم ٿيل جي آءِ ٽي اڳيان وزيراعظم جو سوٽ پيش ٿيو، 3 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ پڇاڳاڇا کانپوءِ جڏهن طارق شفيع جوڊيشل اڪيڊمي کان ٻاهر آيو ته هو ميڊيا سان مختصر ڳالهائيندي چيو ته مون کان گلف اسٽيل بابت سوال پڇيا ويا، جنهن تي هن گلف اسٽيل ٺاهڻ ۽ ان لاءِ ويندڙ فنڊن بابت جي آءِ ٽي کي ٻڌايو، هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي في الحال ٻيهر پيشي جو نه چيو آهي هن چيو ته جاچ ڪميٽي کي ڪي به دستاويز نه ڏنا، ياد رهي ته طارق شفيع کي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *