اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اجلاس جي موقعي تي مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران مختلف عنوانن تي مقصد ڀريون ڳالهيون ڪيون آهن وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ امن امان جي صورتحال بابت به عالمي اڳواڻن کي باخبر ڪيو ۽ چيو ته موثر منصفاڻو تجارتي نظام استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي وزيراعظم تجارت ۽ سيڙپڪاري کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان رابطي جي اهميت تي روشني وجهندي سي پيڪ رٿا کي خطي ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ قومي ۽ علائقائي طور تي خوشحالي لاءِ هڪ ماڊل طور تي بيان ڪيو وزيراعظم عالمي سطح تي تحفظ پسندي جي وڌندڙ رجحانن تي خدشن جو اظهار ڪندي منصفاڻو، موثر ۽ ڳچ مقصد تجارتي نظام جو مطالبو ڪيو وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين کي ساراهيو ۽ اهو عزم ورجايو ته اهڙن عنصرن کي هر حال ۾ شڪست ڏيڻي آهي.