وزيراعظم جهنگلي جيوت بابت قومي ڪائونسل جي بحالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم محمد نواز شريف جهنگلي جيوت بابت قومي ڪائونسل جي بحالي جي اصولي طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جهنگلي جيوت بابت ڪائونسل جي بحالي وزيراعظم پاڪستان طرفان گرين پاڪستان جي هڪ ٻي وڏي پاليسي سڌارن جو حصو آهي، سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي بيان موجب قومي ڪائونسل وائلڊ لائيف پاليسي جو هڪ وڏو فورم آهي جيڪا گذريل حڪومت ۾ ناڪارا ٿي چڪي هئي پنهنجي بحالي کانپوءِ جهنگلي جيوت بابت قومي ڪائونسل ۾ صوبائي نمائندگي هوندي جيڪا وفاقي سطح تي موسمياتي تبديلي واري وزارت ۾ قائم ٿيندي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل جي بحالي سان پاڪستان جهنگلي جيوت جي غير قانوني واپار جي روڪٿام ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ پنهنجي بين الاقوامي ذميداريون ادا ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *