وزيراعظم اڄ جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيندو، سيڪيورٽي پلان تيار،هاءِ الرٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف اڄ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جاچ ڪميٽي جي اڳيان پيش ٿيندو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ آمد لاءِ سيڪيورٽي پلان کي به آخري شڪل ڏني وئي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم نوازشريف جي اچڻ کان اڳ علائقي ۾ جيمرز نصب ڪيا ويندا، ان کانسواءِ جوڊيشل اڪيڊمي جي ڀرپاسي ٽي سيڪيورٽي حصا قائم ڪيا ويندا، اڪيڊمي اندر ايليٽ فورسز جي جوانن کي مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻاهرين سيڪيورٽي رينجرز ۽ ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي هوندي. جوڊيشل اڪيڊميءَ سان جڙيل آئي ايٽ پارڪ کي به بند ڪيو ويندو. ان کانسواءِ جيستائين وزيراعظم جوڊيشل اڪيڊمي ۾ موجود رهندو تيستائين جوڊيشل اڪيڊمي جا ملازم پنهنجي آفيس مان ٻاهر نه نڪري سگھندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *