وزيراعظم ايران کي اڪيلو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ها، پاڪستان جو ڪم باهه وسائڻ هئڻ گهرجي: عمران خان
May 23, 2017 at 7:36 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سلام آباد( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو آهي ته وزيراعظم خلاف ڪرمنل جاچ ٿي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته پاناما ڪيس ڪرمنل انويسٽيگيشن آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ 60 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جنهن خلاف ڪرمنل جاچ ٿي رهي آهي اهو شخص وزيراعظم بڻجي سعودي عرب ويو، دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿيندو آهي. عمران خان چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت جو نالو ورتو ۽ ڪشمير جو ذڪر ئي نه ڪيو. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ جهڙي نموني وزيراعظم نواز شريف سان ورتاءُ ڪيو ويو اها شرم جهڙي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر کي پاڪستاني وزيراعظم سان ملڻ جو خيال ئي نه آيو. عمران خان چيو ته ٽرمپ فلسطين جي عوامي نمائندن کي دهشتگرد قرار ڏنو. هن چيو ته نواز شريف کي ٻڌائڻ گهرجي ها ته سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستانين ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب ويو ته پاڪستانين جي ڳالهه ڪري ها، ٽرمپ کي پاڪستان ياد ئي نه آيو. عمران خان چيو ته آمريڪا جي جنگ لاءِ 100 ارب جو نقصان ٿيو، 70 هزار پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته اسان کي مسلمان دنيا کي متحد ڪرڻ گهرجي، ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان نه ٿا چاهيون ته مسلمان دنيا ۾ ڏڦيڙ هجي ۽ ورهاڱو ٿي. عمران خان چيو ته وزيراعظم کي چوڻ گهرجي ها ته اسان ڌر نه پر ٽياڪڙ ٿينداسين. هن چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران کي اڪيلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، ٽرمپ حماس ۽ حزب الله کي دهشتگرد قرار ڏنو. عمران خان چيو ته سعودي عرب ۾ نواز شريف کي ميچ کيڏائي ئي نه وئي. هن چيو ته عمران خان ميچ جي گهڻي پريڪٽس ڪئي پر کيس ٻارهون رانديگر بڻايو ويو. سندس چوڻ هو ته ٻين جي جنگين ۾ شرڪت پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو ڪم باهه وسائڻ هئڻ گهرجي، نواز شريف پاڪستان نمائندگي ڪئي ته کيس ٻڌائڻ گهرجي ها ته هو ايران کي اڪيلو نه ٿا ڪرڻ چاهين. هن چيو ته ايران کي اڪيلو ڪيو ويو ۽ وزيراعظم خاموش تماشائي بڻيل رهيو.