وزارت ۽ صدارت کسجڻ باوجود نواز شريف کي فتح نصيب ٿي: مريم نواز

گجرات (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ ڪارڪنن کان سندن وزيراعظم ۽ پارٽي صدر کسيو ويو، پوءِ به انهن کي فتح نصيب ٿي، جهڙي تيزي سان نواز شريف خلاف عدالتي فيصلا اچي رهيا آهن، ايتري ئي تيزي سان عوام طرفان نواز شريف جي حق ۾ فيصلا اچي رهيا آهن. ڪوٽلا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان نااهل قرار ڏنو ويو، ان وقت جي ٽي روڊ جي عوام سندس حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جڏهن نواز شريف کي عدالت پارٽي جي صدارت تان نااهل قرار ڏنو ته سينيٽ ۾ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿي، ڇو ته هڪ فيصلو “اتان” نواز شريف جي خلاف ايندو آهي ته ان ئي دوران عوام طرفان نواز شريف جي حق ۾ فيصلو اچي ويندو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف کي سندس آفيس مان ڪڍي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ڇو ته نواز شريف جو وزيراعظم هائوس عوام جون دليون آهن، هو عوام جي دلين ۾ رهي ٿو. هن چيو دنيا جو اصول آهي ته اڳ ۾ الزام لڳندو آهي، جاچ کانپوءِ سزا ڏني ويندي آهي پر نواز شريف سان بغض ڪندي کيس اڳ ۾ سزا ڏئي نااهل قرار ڏنو ويو ۽ هاڻ ثبوت ڳوليا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي، پارٽي صدارت تان ته هٽائي سگهجي ٿو پر پاڪستان ۾ جيترا به ترقياتي منصوبا لڳايا ويا آهن، انهن مان نواز شريف جو نالو ڪيئن هٽائي سگهبو؟. مريم نواز چيو ته الله جي ذات کانسواءِ نواز شريف ڪنهن کان به ناهي ڊڄندو، هو ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ناهي جهڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *