ڪراچي (هه آ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزارت ريلوي ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) جي قيام ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي ۽ مان اهو واضح طور تي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن زمين جو قبضو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ته اها زمين ڪي سي آر لاءِ واپس ورتي ويندي. هن اها ڳالهه اڄ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جي ستين منزل تي سي پيڪ بابت جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي 20 ۽ 21 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس بابت تياري جي حوالي سان گهرايل اجلاس صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ريلوي اٿارٽيز ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) صوبائي حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. واضح رهي ته ريلوي اٿارٽيز ڪراچي سٽي اسٽيشن کان ڊرگ روڊ اسٽيشن ريلوي ٽريڪ وارو حصو به ڪي سي آر حوالي ڪرڻ کان انڪاري ڪري رهي آهي، ان تي وڏي وزير پنهنجي شديد ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته وزارت ريلوي ڪڏهن به ڪي سي آر بابت مخلص ناهي رهي ۽ پهرين ڏينهن کان ئي وزارت ريلوي ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي ۽ انهيءَ ڪارڻ جي ان تي سي پيڪ تحت عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو. سنڌ ۾ ريلوي جي زمين جو تعلق صوبائي حڪومت سان آهي ۽ اهو صرف صوبي خاص طور ڪراچي جي ماڻهن مفاد ۾ استعمال ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هُو ريلوي اٿارٽيز سان ڳالهائي ۽ مان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان مامري جي حل لاءِ ڳالهائيندس. هن چيو ته مون ڪراچي جي ماڻهن سان اهو عهد ڪيو آهي ته کين ڪي سي آر ڏيندس، ان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ آخرڪار ڊسمبر 2016ع ۾ اسان پنهنجي ڪاوش ۾ ڪامياب ٿياسين، انڪري مان پوئتي نه ٿو وڃي سگهان. هن شهر جي ماڻهن تمام گهڻا دوکا کاڌا آهن پر مان ڪي سي آر جي ان اهم منصوبي تي کين ڪڏهن به دوکو نه ڏيندس. هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هُو ريلوي اٿارٽيز سان ڳالهائي ۽ جيڪڏهن اهي ڪي سي آر جي ڪنسٽريڪشن لاءِ رائيٽ آف وي حوالي ڪرڻ تي راضي نه آهن ته کين زمين واپس ورتي وڃي ۽ اها زمين به واپس ورتي وڃي جتي پاڪستان ريلويز پنهنجون واپاري سرگريون / پروجيڪٽس شروع ڪيا آهن. واضح رهي ته سي پيڪ بابت جي سي سي جو اجلاس اسلام آباد ۾ 20 ۽ 21 نومبر تي منعقد ٿيندو. سنڌ حڪومت چائنيز اٿارٽيز سان گڏجي ڪي سي آر جي منصوبي کي شروع ڪرڻ لاءِ فريم ورڪ ۽ معاهدي تي صحيح لاءِ ضروري ڪاغذات تيار ڪيا آهن. ڪي سي آر منصوبي جي ڪيترن ئي مجاز فورمز منظوري به ڏني آهي ۽ ان تي لاڳت جو تخمينو 207 بلين رپيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت گل بائي، مڇر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ايندڙ رستن تان حددخلين جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جڏهن سمورن مسئلن ۽ رڪاوٽن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ته وزارت ريلوي غيرضروري مسئلا پيدا ڪري ان منصوبي ۾ دير ڪري رهي آهي پر مان ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندس جيڪڏهن نه آئون محسوس ڪيان پيو ته اهو ڪراچي جي ماڻهن لاءِ سازش آهي. وڏي وزير چيو ته مان بخوبي ڄاڻان ٿو ته سازشن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو. واضح رهي ته ڪي سي آر جو روٽ 43.1 ڪلوميٽر ڊگهو آحي ۽ ان مان 13.43 ڪلوميٽر پاڪستان ريلويز جي مين لائين تي آهي ۽ 29.69 ڪلوميٽر ڪي سي آر جي لوپ لائين تي آهي. ڪي سي آر جو منصوبو سرڪلر جي شڪل آهي جيڪو ڪراچي سٽي کان شروع ٿيندو ۽ ڊاڪ، ڪراچي ڪينٽ، نيول اسٽيٽ، چنيسر، شهيد ملت، ڪارساز، ڊرگ روڊ، ڊرگ ڪالوني، اسٽار گيٽ، جناح ٽرمنل، هل ويو، جوهر، الادين پارڪ، نيپا، گيلاني، ياسين آباد، لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد، اورنگي، حبيب بينڪ، منگهوپير، سائيٽ، شاهه عبداللطيف، بلديا، وزير مينشن، ٽاور ۽ ڪراچي سٽي تائين آهي. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هُو سمورن پيپر ورڪ کي مڪمل ڪري ۽ سندس خيالن جي ڏي وٺ ڪري ته جيئن فريم ورڪ تي اسلام آباد ۾ صحيح ٿي سگهي. سنڌ حڪومت وڌيڪ ٻه منصوبا جي سي سي واري اجلاس ۾ پيش ڪندي جيڪي ڪيٽي بندر ۽ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون آهن. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هُو اسپيشل اڪنامڪ زون جي نالي سان زمين جي منتقلي جو ٽائيٽل حاصل ڪري وٺي. ان تي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ چيو ته زمين جي ٽائيٽل جي بورڊ آف روينيو کان اڪنامڪ زون جي نالي سان منتقلي وارو ڪم زيرعمل آهي ۽ اجلاس جي وقت تائين اهو ڪم ٿي ويندو. چيئرمين پي اينڊ ڊي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪيٽي بندر منصوبي جي فزيبلٽي جي تياري ايڊوانس اسٽيج تي آهي، صوبائي حڪومت ان جي فزيبلٽي کي سي پيڪ جي لاڳاپيل چائنيز اٿارٽيز وٽ جمع ڪرائڻ لاءِ ٽائيم فريم جو فيصلو ڪندي ۽ ان بعد اهو منصوبو مقامي فورم تي منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو.