ورڪرز ويلفيئر بورڊ پورهيتن جي ڀلائي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي (هه آ) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ پورهيو واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي نائين اجلاس جي صدارت پنهنجي آفيس ۾ ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايم پي اي رخسانه شاهه، پورهيتن جي نمائندي شمشاد قريشي، رحمت الله سرڪي، پورهيو واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، سيڪريٽري صنعت عبدالرحيم سومرو، سنڌ روينيو بورڊ جي مشتاق ڪاظمي کان علاوه تعليم۽ صحت کاتي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ سيڪريٽري جلال الدين چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو ادارو پورهيتن جي ڀلائي ۽ سندن خاندان کي جائز مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق پورهيتن کي ترجيحات ۾ شامل ڪرڻ پ پ پ جي واضح پاليسي آهي ۽ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبا زير تڪميل آهن کين معاشري ۾ عزت وارو مقام ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت مثبت پاليسي جي ذريعي وڌ کان وڌ موقعا ڏئي رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته نون ترقياتي منصوبن بشمول موجوده ليبر ڪاليونين جي بهتري ۽ بحالي، نئين ليبر ڪالونين جا تعميري منصوبا، اسپتالن، ڪاليجن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ پاليسي جوڙي وڃي ۽ وڌ کان وڌ پورهيتن جي نمائندن کي شامل ڪري شفافيت سان سمورا مرحلا مڪمل ڪيا وڃن. صوبائي وزير چيو ته ڪابه غفلت ۽ نااهلي برداشت نه ڪئي ويندي چاهي ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي. الاٽمينٽ ۾ ڪابه دخل اندازي ۽ ناجائزي قبول نه ڪئي ويندي. سموري الاٽمينٽ ميرٽ جي روشني ۾ ڪئي وڃي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته قانوني معاملن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن کي فوري طور تي حل ڪري ۽ قانون جي عين مطابق ڪم ڪيو وڃي ڪابه غيرقانوني ۽ ناانصافي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ جلال الدين گذريل اجلاس جي ڪارڪردگي پيش ڪندي ٻڌايو ته قانون تي عملدرآمد ڪندي قانوني معاملن کي اڪلائڻ ۽ اسپتال جي تعمير، پورهيتن جي ٻارن ۽ خاندان کي سهولتن جي عمل کي تيز ڪندي سيشن کان پهرين فراهمي ڪميٽين جي قيام جو نوٽيفڪيشن ۽ ٻين معاملن کي شفافيت سان يقيني بڻائڻ لاءِ آگاهي ڏني. بورڊ جو ايندڙ اجلاس فيبروري جي آخر ۾ سمورن معاملن جو جائزو وٺي منعقد ٿيندو ۽ ڪميٽين جي رپورٽ ان اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *