ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي جي شهرين جي معيار زندگي کي بهتر بڻايو ويندو:ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): مڪاني کاتن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي جي شهرين جي معيار زندگي کي بهتر بڻايو ويندو. منصوبو 33 بلين رپين جي لاڳت سان مرحليوار 6 سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن جي پڄاڻي کانپوءِ ڪراچي جي رهواسي جي زندگي ۾ خوشگوار تبديلي جو شروعات ٿيندي. عوام کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ورلڊ بينڪ مشن جي گلوبل ڊائريڪٽر سميع ناغب واهبا (Sameh Naguib Wahba) جي اڳواڻي ۾ ايندڙ هڪ وفد سان پنهنجي ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي وفد ۾ ڪيٽالينا مارولينڊ (Catalina Marulanda)، شهناز ارشد ۽ سهيب رشيد ۽ ٻيا پڻ شامل هئا جڏهن ته سيڪريٽري بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ روشن علي شيخ ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪلڪ (Click) زبير چنا پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزير بلديات ان موقعي تي چيو ته ورلڊ بينڪ منصوبي تحت ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، ڊسٽرڪٽ ڪونسل ۽ لوڪل ڪونسلز جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ۽ عملدارن ۽ ملازمن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪيو ويندو. ان جي ڪيپاسٽي بلڊنگ ڪئي ويندي ۽ سڀني بلدياتي ادارن کي عوام جي خدمت جو بهترين ادارو بڻايو ويندو جنهن سان عوام کي وڌ کان وڌ لاڀ ملندو جڏهن ته پروجيڪٽ مان ماڻهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا. ڪراچي ۾ رهندڙن کي زندگي گذارڻ جو بهترين ماحول ملي سگهندو. سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل پروجيڪٽ تحت سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو جڏهن ته بورڊ پاران شهر مان ڪچرو کڻڻ واري گنجائش کي به وڌايو ويندو. سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جي شهر مان روزانو 6 هزار ٽن ڪچرو کڄڻ جي استعداد وڌائي 13 هزار ٽن روزاني جي بنياد تي ڪئي وئي آهي پر ان صلاحيتن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي جيڪا وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي. سيڪريٽري بلديات روشن شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته شهر جي گهرج آهر اسان سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ۾ سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا اسان وٽ بهترين ۽ باصلاحيت عملدارن جي کوٽ نه آهي. سالڊ ويسٽ جي اڳواڻ کي تبديل ڪيو ويو آهي هن وقت باصلاحيت افسر بورڊ جو ايم ڊي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪچري بابت 6 هزار فيميلز هن وقت ڪم ڪري رهيون آهن. 30 هزار کان وڌيڪ ٻار ڪچرو چونڊڻ واري عمل جو حصو بڻيل آهن جنهن مان 30 سيڪڙو ٻار هيپاٽائيٽس سميت ٻيون موتمار بيمارين ۾ مبتلا آهن. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ورلڊ بينڪ ۾ پڻ اسان جو مڪمل سهڪار ۽ سپورٽ رهندي جڏهن ته ورلڊ بينڪ ۽ حڪومت ٻئي گڏجي پروجيڪٽ جي نگراني ڪندا. ورلڊ بينڪ جي وفد ٻڌايو ته حڪومت جي سهڪار سان پروجيڪٽ جي ايڊمنسٽريٽو منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته پي ڊي ۽ کين ٽيم جو تقرر پڻ ڪيو ويو آهي وفد پروجيڪٽ بابت بهترين تعاون تي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ جا ٿورا ادا ڪيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *