ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ ڪورونا جا 404 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اڄ سڀ کان وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته سنڌ ۾ اڄ ڪورونا جا 208 مريض صحتياب ٿيا آهن. هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 3729 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 404 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪو گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ٽيسٽن جو 10.8 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ هيل تائين 51790 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل ڏينهن 5291 مثبت ڪيس هئا جڏهن ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 5659 ڪيس ٿي چڪا آهن اهو ٽوٽل ٽيسٽ جو 11 سيڪڙو ٺهندو آهي ۽ هيل تائين 1169 مريض صحتياب ٿيا جيڪو ٽوٽل انگ جو 20.5 سيڪڙو آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب ٽوٽل فوتگيون 100 ٿي ويون آهن، اسان وٽ 4426 مريضن جو علاج هلندڙ آهي جنهن مان 3187 يعني 72 سيڪڙو مريض گهرن ۾ آئسوليٽ آهن جڏهن ته 762 يعني 17 سيڪڙو مريض آئسوليشن مرڪزن ۽ 477 يعني 11 سيڪڙو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ 54 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 18 مريض وينٽيلينٽرز تي آهن. هن چيو ته شهر ڪراچي ۾ ڪورونا جا 332 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن مان ضلعي ڏکڻ ۾ 113، ضلع اوڀر ۾ 100 ۽ ضلع مرڪز ۾ 39، ڪورنگي ۾ 37، ضلع اولهه ۾ 26 ۽ ملير ۾ 17. هن ڪراچي جي ماڻهن کي درخواست ڪئي ته اهي سمورن احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪن انهيءَ سان گڏوگڏ ماسڪ پائڻ، ٻارن ۽ بزرگ ماڻهن کان وٿيءَ رکڻ ۽ غير ضروري گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز وغيره شامل آهن نه ته ٻي صورت ۾ نتيجا گهڻو خطرناڪ نڪرندا.