ڪراچي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته واپاري برداري ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ سهڪار ڪري. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪراچي ۾ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ خاص طور ڪراچي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بهتر هئڻ بابت آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب واپارين ڪاروبار وڌائڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي مضبوطي ۾ سهڪار ڪري. آرمي چيف سان ملاقات ۾ واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي صلاحيت مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.