سرينگر (م ڊ) ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير جي ضلعي بٽگام ۾ ڀارتي فضائيا جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ فوجين سميت گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا. رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر صبح 10 لڳي 5 منٽن تي ضلعي بٽگام جي ڳوٺ گريند ڪلان جي ميدان ۾ وڃي ڪِريو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جن جا مڙهه واقعي واري هنڌان کنيا ويا آهن. مارجي ويلن ۾ هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ ڪفايت حسين جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مقامي رهواسي آهي، جڏهن ته باقي چئن جو واسطو امڪاني طور فوج سان آهي. نئين دهلي ۾ موجود ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر آهي، جنهن جي ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اکين ڏٺن شاهدن موجب هيلي ڪاپٽر ڪرندي ئي ٻه اڌ ٿي ويو ۽ ان ۾ باهه لڳي وئي.