والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس زڪريا چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، ڀارت ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ ۾ مصروف آهي، ٻن معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس زڪريا چيو ته هڪ مسجد جي پيش امام مشتاق احمد کي شهيد ڪيو ويو آهي، جامع مسجد سري نگر ۾ گذريل جمعي تي به آزان ڏيڻ نه ڏني وئي هئي، ڪشميري اڳواڻن کي نظر بند ڪيو ويو آهي، پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز لنڊن جي دوري تي آهي، پرڏيهي صلاحڪار دولت مشترڪه جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ويل آهي، نفيس زڪريا جو چوڻ هو ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطو به ٿيو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان خاص طور بارڊر مئنيجمينٽ تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي آهي، ٽي پاڪستاني نيول شپ خير سگاليءَ جي دوري تي بندر عباس ايران ويل آهن، دوري جو مقصد ميري ٽائيم سهڪار ۽ اعتماد جي بحالي آهي. حسين حقانيءَ جي بيان تي رد عملي ڏيندي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته  حسين حقانيءَ جي معاملي تي دفاع وارو وزير سومر جي ڏينهن پنهنجو بيان اسيمبليءَ ۾ ڏيندو، ان بابت ڪجھه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، آمريڪي فوج جي سربراهه بارڊر مئنيجمينٽ جي مطالبي جي حمايت ڪئي آهي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *