اسلام آباد (بيورو) وزيراعطم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ عالمي انساني حقن جو تحفظ ڀارتي عدليه جي آزادي جو امتحان آهي ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ فرودس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي مودي جي ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو ڊآڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هي فيصلو پاڪستان جي موقف جي فتح آهي ڀارتي ظلم مظلوم ڪشميرين جي صبر جي اڳيان ناڪام ٿي رهيو آهي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي دعويٰ مطابق بنيادي انساني حقن جو تحفظ ۽ مودي سرڪار جي دٻاءُ جو مقابلو ڪيئن ڪري ٿي.