والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ختم ڪرايون وڃن: مليحا لوڌي

نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته ڀارت بنا روڪ ٽوڪ جي ڪشمير ۾ انساني حق پامال ڪري رهيو آهي. مليحا لوڌي جي سڏ تي او آءِ سي رابطا گروپ جي نمائندن جو اجلاس گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مليحا لڌي طرفان ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي شرڪت ڪندڙن طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني سفير جو چوڻ هو ته ڀارت بنا روڪ ٽوڪ جي ڪشمير ۾ انساني حق پامال ڪري رهيو آهي، يو اين هاءِ ڪمشنر رپورٽ جي روشني ۾ جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته ڀارتي فوج طرفان ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، جنهن سبب اتي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. مليحا لوڌي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ختم ڪرايون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *