نيويارڪ(م ڊ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال گڏيل قومن جي ناڪامي آهي جڏهن ته آمريڪا ڪشمير جي صورتحال تي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارادادن تي عملدرآماد يقيني بڻائي.نيويارڪ ۾ ايشيائي سوسائٽي جي تقريب کي خطاب ۾ عمران خان چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڀرپور توجهه ڏيڻي پوندي، ڪشمير ۾ حالتون سازگا بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن واضح ڪري ڇڏيو ته گڏيل قومن شاهدين باوجود ڪشمير مسئلي تي ڪردار ادا نه ڪيو جڏهن ته والاريل ڪشمير جي صورتحال گڏيل قومن جي ناڪامي آهي.عمران خان مطالبو ڪيو ته آمريڪا ڪشمير جي صورتحال تي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، هن چيو ته آمريڪا دوري ۾ عالمي اڳواڻن کي ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، صدر ٽرمپ کي ڪشمير جي صورتحال تفصيلي طور تي ٻڌائي جڏهن ته عالمي اڳواڻن کي والاريل ڪشمير جي صورتحال سمجهائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهيان. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين تي توجهه ڏئي ڇو ته اسان صرف والاريل ڪشمير جي معاملي تي بهتر ڪوشش ئي ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ گهرجي.عمران خان پنهنجي خطاب ۾ ٻڌايو ته حڪومت ۾ اچي پاڙيسري ملڪن کي ڳالهين جي دعوت ڏني، بي جي پي جي ٻيهر حڪومت اچڻ تي ڳالهيون جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته سنجيدا لاڳاپا اسان جي ايجنڊا آهي پر ڀارت مثبت ردعمل نه ڏنو. هن چيو ته فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تمام گهڻي وڌي جنهن جو پاڪستان ڀارتي جارحيت جو فوري جواب ڏنو ۽ پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي تي 2 ڀارتي جهاز ڪيرايا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته تاريخ ڏسو ته سموريون جنگون غلط اندازي لڳائڻ سبب ٿيون.وزيراعظم عمران خان پنهنجي انٽرويو دوران چيو ته آر ايس ايس سمجهي ٿي ته هندوستان صرف هندن جو آهي جڏهن ته مودي نهرو ۽ گانڌي جي فلسفي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڀارت ۾ مسلمانن خلاف نفرت جوڳي رويي جنم ورتو، ڀارت ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي پڻ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ آهي، ايستائين جو ڀارت ۾ عيسائين خلاف به نفرت ڀڙڪائي وئي.