والاريل ڪشمير جا مجاهد اڪيلا نه آهن، سڄي پاڪستاني قوم گڏ آهي : نوازشريف

مظفرآباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو اهي ته والاريل ڪشمير جا ٻارڙا ڀينرون وڏڙا ۽ مجاهد اڪيلا نه آهن سڄي پاڪستاني قوم گڏ آهي ۽ گڏ رهندي انشاءالله اوهان جي آزادي جي تحريڪ ڪاميابي ماڻيندي وزيراعظم طور هر فورم تي ڪشمير جو مسئلو اٿاريو ۽ آئينده به اٿاريندا رهنداسين نوازشريف جي خلاف فيصلو نه اچي ها ته الله تعاليٰ جي فضل سان ايندڙ ٻن چئن سالن ۾ ڪوبه بيروزگار نه رهي ها منهنجي سموري پروگرام تي پاڻي ڦيريو ويو آهي ووٽ کي عزت ڏيندا ته پاڪستان اڳتي وڌندو ٻي صورت ۾ خدا نه ڪري پاڪستان اڳيان نه وڌي سگهندو. پاڪستان مان فارغ ٿي ويو آهيان منهنجي ڊيوٽي ازاد ڪشمير ۾ لڳائي ڇڏي هر سال آزاد ڪشمير جي بجيٽ ۾ اضافو ڪنداسين اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين مظفرآباد کان دينا ۽ مظفرآباد کان مانسره تائين موٽر وي ٺهندو سومر کي جلسي کي خطاب ڪندي محمد نوازشريف چيو ته مظفرآباد جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو جلسو شاهد ڪڏهن به ناهي ڏٺو پهريان اسان هتي جيڪو جلسو ڪيو هو ان کان هي ٽيڻو جلسو آهي نوازشريف چيو ته پاڪستان جو ڪشمير سان مضبوط رشتو آهي ۽ منهنجو اوهان سان رت جو رشتو آهي والاريل ڪشمير جي ڪشميرين سان به رت جو رشتو آهي نوازشريف چيو ته مان شاهه غلام قادر کي چيو آهي ته هن کان وڏو جلسي ڪري ته مان نيلم ۾ ايندس هن کان وڏو جلسو نه ٿيندو پر مان ويندس نوازشريف چيو ته مان نااهل قرار ڏنو ويو آهيان اڄ ڪشمير جو ڏهاڙو آهي ان عنوان تي ڇا ڳالهايان دل ڏکايل آهي هن چيو ته نوازشريف جي دلي خواهش هئي ۽ اڄ به آهي ته مان آزاد ڪشمير جي عوام جي خدمت ڪيان اوهان سان منهنجو رشتو آهي منهنجو جيڪو رشتو آهي اهو ڪوبه ٽوڙي نٿو سگهي ڪو رشتو به هن رشتي کي ٽوڙي نٿو سگهي مان اوهان سان گڏ آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته اوهان مون سان گڏ آيو نوازشريف چيو ته اڄوڪو جلسو به ڪنهن پشاور کان گهٽ نه آهي پشاور به ڪالهه مثبت جو ثبوت ڏنو اڄ مظفرآباد ۾ نوازشريف سان وڏي محبت ڪري رهيو آهي نوازشريف چيو ته اوهان سڀني کي سرينگر ۽ والاريل ڪشمير ڏسي رهيو آهي اڄ مظفرآباد ۾ بيهي والاريل ڪشمير جي سمورن ٻارڙن ڀينرن بزرگن ۽ مجاهدن کي چوڻ چاهيان ٿو ته اوهان اڪيلا نه آيو پر پوري پاڪستاني قوم اوهان سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن کي ڪڏهن به نه ڇڏيندي اوهان جدوجهد ڪري رهيا آهيو اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن اوهان جو درد اسان جو درد آهي جهڙي طرح اوهان ظلم برداشت ڪري رهيا آهيو اسان اوهان جي جرئت کي سلام پيش ڪيون ٿا نوازشريف چيو ته والاريل ڪشمير ۾ پئلٽ گن جي ذريعي فائر ڪيا وڃن ٿا جسم زخمي ٿي وڃي ٿو گوليون اکين ۾ لڳن ٿيون اسان جا ڪشميري ڀائر اکين کان معذور ٿي وڃن ٿا پر گهٻرايو نه الله تعاليٰ اوهان سان گڏ آهي جڏهن اهي شهيد ٿين ٿا ته کين پاڪستان جي جهنڊي ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو نوازشريف والاريل ڪشمير جي ڪشميرين کي چيو ته اوهان هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهيو اسان اوهان سان ٻڌي جو اظهار ڪري رهيا آهيون انشاءالله اوهان جو ڪو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي انشاءالله اوهان جي آزادي واري تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي هي پورو آزاد ڪشمير مون سان گڏجي دعا ڪري رهيو آهي الله تعاليٰ آزادي واري تحريڪ کي جلد ڪامياب ڪري الله تعاليٰ اوهان تي فضل ۽ ڪرم ڪري سڄي قوم اوهان جي جرئت کي سلام ڪري ٿي. نوازشريف چيو ته راجا صاحب کي چيو آهي ته اوهان آزاد ڪشمير جي چپي چپي تي اسپتالون ٺاهيندا ڪاليج اسڪول يونيورسٽيون ٺاهيو روڊ ٺاهيو جيڪو ڪجهه هي گهرن ٿا انهن کي ڏيو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ايندي جيترو پئسو گهرجي اسان ڏينداسين بجيٽ کي ٻيڻو ڪيو ويو آهي نوازشريف آزاد ڪشمير جي ترقياتي بجيٽ کي ٻيڻو ڪيو آهي هر سال ان ۾ اضافو ٿيندو رهندو بي حساب اضافو ٿيندو رهندو مظفرآباد لاهور جي ڀيٽ وارو شهر ٺهندو اوهان جي ڀرپور خدمت ڪندا رهنداسين اسپتالون ٺهندويون مظفرآباد کان ميرپور دينا تائين چار لائين موٽر وي ٺاهي ويندي هي منصوبو منظور ٿي چڪو آهي هوڏانهن مانسره تائين به چار لائين موٽر وي ٺاهي ويندي آزاد ڪشمير اندر روڊن جو ڄار وڇندو نوازشريف چيو ته هاڻي پاڪستان مان فارغ ٿي ويو آهي منهنجي ڊيوٽي آزاد ڪشمير ۾ لڳائي وڃي پاڪستان مان نااهل ٿي ويو آهي پر آزاد ڪشمير لاءِ ته اهل آهيان هتي ته نااهل نه آهيان جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مان ميان صاحب کي چئي رهي هيس ته اوهان کان پوءِ ڪيئن ڳالهائي سگهان ٿي ان جي حڪم کان پوِءِ مان ڳالهائي رهي آهيان اوهان سڀني جو دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿي هن چيو ته اليڪشن کان پوءِ آزاد ڪشمير جو منهنجو پهريون دورو آهي اوهان آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ نوازشريف تي اعتماد جو اظهار شينهن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن تي اوهان سڀني جي شڪر گذار آهيان مريم نواز چيو ته ميان صاحب کي رستي ۾ چيو ته ڪشميرين هڪ سيٽ به ڪنهن ٻئي کي نه ڏني هن چيو ته اڄ اوهان سان به مخاطب آهيان ۽ والاريل ڪشمير جي ڀائرن سان به مخاطب آهيان منهنجي دل اوهان سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ ان پار ڪشمير ۾ رهندڙ ڪشميرين سان به ڌڙڪي تي هن والاريل ڪشمير جي ڪشميرين کي چيو ته جڏهن زخم اوهان جي جسم تي لڳن ٿا ته اهي زخم اسان جي دل تي لڳن ٿا ۽ اسان کان کائڻ پيئڻ وسري وڃي ٿو مريم نواز چيو ته مان نوازشريف جي ڌيءُ آهيان نه صرف منهنجي دل ڪشمير سان ڌڙڪي ٿي پر منهنجي رڳن ۾ به ڪشميري خون آهي اسان آزاد ڪشمير ۾ بيهي ڪشمير جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون دعا ڪيو ته انشاءالله اهو ڏينهن به اچي جو اسان سرينگر ۾ غلامي کان ڇوٽڪاري جو ڏينهن ملهايون انشاءالله اهو ڏينهن ايندو وقت بدلجي ويو آهي هاڻي بندوقن ۽ گولن سان ڪشميرين جو آواز دٻائي نٿو سگهجي الله تعاليٰ اسان جي والاريل ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن ۽ برگن کي پنهنجي پناهه ۾ رکي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *