وائرس سبب سنگين ڏوهن ۾ ملوث قيدين کي آزاد نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ قيدين جي آزادي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، عدالت صوبائي گهرو سيڪريٽريز، آءِ جي جيلز، نيب جي پراسڪيوٽر جنرل ۽ اي اين ايف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس چيو ته ڪورونا وائرس هڪ سنجيده معاملو آهي پر وائرس سبب سنگين ڏوهن ۾ ملوث قيدين کي آزاد نٿا ڪري سگهون، اها فريادين سان نا انصافي هوندي. سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جي خدشي سبب جيلن مان قيدين کي آزاد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته قيدين جي آزادي جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ مختلف فيصلا ڪري رهي آهي، درخواستگذار جي دعويٰ تي ڪيربه اعتراض نه ڪري رهيوآهي. اٽارني جنرل چيو ته ڪورونا وائرس سبب قيدين جي آزادي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ گائيڊ لائين طئي ڪري. چيف جسٽس چيو ته ڪورونا وائرس هڪ سنجيده معاملو آهي پر وائرس سبب سنگين ڏوهن ۾ ملوث قيدين کي آزاد نٿا ڪري سگهون. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ڪهڙيون حالتون آهن اسان کي سڀ خبر آهي، ڏسڻو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪهڙي اختيار تحت قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، هاءِ ڪورٽ سوموٽو اختيار ڪيئن استعمال ٿي ڪري سگهي؟. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ قيدين جي آزادي جي لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي، ننڍن قيدين کي آزادي ملڻ گهرجي، پر خوف نه پکيڙيو وڃي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي ڏوهن ۾ ملوث قيدين کانسواءِ ٻين سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي انداز ۾ ضمانتون ڏيڻ ضمانت جي بنيادي اصولن جي خلاف آهي. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو ته چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته آفت ۾ ماڻهو پنهنجي اختيارن کان ٻاهر هليا وڃن، هي اختيارن جي جنگ آهي، ڪنهن هڪ هفتو اڳ ڏوهه ڪيو آهي ته اهو به جيل مان آزاد ٿي ويندو، اهڙي صورتحال ۾ شڪايت ڪندڙن جا جذبات ڪئين هوندا؟ چيف جسٽس چيو ته جن قيدين جي ٻن يا ٽن مهينن جي سزا رهيل آهي، انهن کي ڀلي آزاد ڪيو وڃي،اسان کي خوفزده ناهي ٿيڻو پرسڪون ۾ رهي فيصلا ڪرڻا آهن، اسان کي متحد ٿي هن وبا جو مقابلو ڪرڻو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *