هڪ ڪمري ۾ چار چار مريض واڙيندا ته وائرس تي ضابطو ڪٿان ايندو:چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس قاسم خان جو چوڻ آهي ته هڪ ڪمري ۾ 4-4 مريضن کي رکندا ته ڪورونا وائرس تي ضابطو ڪيئن آڻيندا.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪئي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته اسان حڪومت جي لاءِ ڏکيائيون پيدا نٿا ڪرڻ چاهيون، الله ڪري دنيا ۽ اسان به ڪورونا وائرس کان محفوظ رهون پر حڪومت اسپتالن کي هن وقت تائين ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ اوزار ئي ميسر ناهن ڪيا.هن وڌيڪ چيو ته توهان هڪ ڪمري ۾ چار چار مريضن کي رکندا ته ڪورونا وائرس تي ضابطو ڪيئن آڻيندا، ٻين ملڪن ۾ هڪ مريض کي هڪ ڪمري ۾ رکيو پيو وڃي.چيف جسٽس قاسم خان چيو ته جيستائين عالمي سطح جون سهولتون مهيا نه ڪنداسين نتيجا بهتر نه ايندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *