اسلام آباد (بيورو ) تحريڪ انصاف عمران خان چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو عزم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي غير سياسي بڻائي، ادارن کي مضبوط ڪيو ويندو، عوام تي سيڙپڪاري، نوڪريون، تعليم، گهر ۽ صحت جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾چونڊ منشور پيش ڪندي عمران خان پاڪستان جي مسئلن جو ڪو آسان حل ناهي، اسان جو ويزن آهي ته ته اسان ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائينداسين، ايندڙ حڪومت لاءِ معيشت وڏو چئلينج هوندو، اسان گورننس سسٽم ۾ تبديلي سان جدت آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪو نه سمجهي ته اسان منشور کي سولائي سان لاڳو ڪنداسين، اسان کي پنهنجي ئي منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ روينيو گڏ ڪرڻ جو نظام ئي ناهي، اهو به هڪ چئلينج آهي ته پسئو ڪيئن گڏ ڪرڻو آهي تنهن ڪري ايف بي آر ۾ سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن.عمران خان چيو ته جيڪڏهن پئسو گڏ ڪرڻو آهي ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. هن چيو ته هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا ته سندن ٽيڪس حڪمرانن جي لائف اسٽائل تي ضايع ٿي رهي آهي، اسان حڪمرانن جي عياشي ختم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس جو پئسو عوام تي ئي خرچ ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته ماڻهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي ته پئسا مٿن ئي خرچ ٿيندا ته قوم ٽيڪس ڏيندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ۽ ادارا تباهه ٿي ويا آهن، 10 ارب ڊالر هر سال پاڪستان کان ٻاهر ويندا آهن، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته بيروزگاري جي خاتمي لاءِ هڪ اسڪيم آندي ويندي، جنهن تحت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، پنجن سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهيا ويندا جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو.