هڪ منظم سازش تحت صوفين جي سرزمين سنڌ کي فرقيواريت جي آڙاھ ڏانهن ڌڪيو پيووڃي؛ايس اين پي شاد کوسو

February 17, 2017 at 11:30 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، احمد سومرو ۽ ٻين قلندر شهباز جي مزار تي ڌماڪي ۾  72 کان وڌيڪ بي گناھ انسانن جي مارجي وڃڻ ۽ 250 کان وڏيڪ انسانن کي زخمي ڪرڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي واقعي کي سنڌ سرڪار جي لاپرواهي قرار ڏيندي چيو ته هڪ منظم سازش تحت صوفين جي سرزمين سنڌ کي فرقيواريت جي آڙاھ ڏانهن ڌڪيو پيووڃي جنهن عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي،هنن چيو دهشتگردن جو ڪوبه دين ايمان ناهي انهن جو مقصد انسانيت جو رت چوسڻ آهي، انسان دوست ڌرين کي بي گناھ انسانن جي موت تي آواز اٿارڻ گهرجي،هنن چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ فرقيوايت جي ڪارواين ۾ ڌاري آبادگاري ملوث آهي، سنڌ توڙي وفاقي سرڪار ڪڏهن به ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو،هنن چيو ته دهشتگردي وڏي لعنت آهي اها ڪٿي به ڪهڙي نالي تي ٿئي  اها مذمت لائق آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾  فرقيواريت جي ڪارواين  ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن،هنن وڌيڪ چيو ته بي گناھ انسانن جي موت تي سنڌ جي وڏي وزير پاران ٽي ڏينهن سوڳ جي اعلان بدران وڏي وزيرکي ڪابينا سميت استيعفه ڏيڻ گهرجي ها، پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن سنڌ جي مختلف شهرن مان قومي ڪارڪنن جي گهرن تي بناجواز چڙهاين گرفتارين ۽ ڀان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پر امن مظاهري تي پوليس جي شيلنگ ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي..

اي پيپر