هڪ سياسي اڳواڻ چيو ته پنجن ججن وزيراعظم کي ڪوڙو چيو آهي، اسان ڪوڙو نه چيو آهي جسٽس اعجاز افضل ڏمرجي پيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پانامه ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ٿيندڙ خصوصي بينچ جي سربراهه جسٽس اعجاز افضل پانامه فيصلي جي غلط تشريحي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پانامه ڪيس جي فيصلي کان پوءِ هڪ سياسي ليڊر چيو آهي ته پنجن ججن وزيراعظم کي ڪوڙو قرار ڏنو وزيراعظم کي نه ته مان ڪوڙو قرار ڏنو آهي ۽ نه ئي ان بئنچ ۾ موجود ٻين ٻن ججن اهو چيو آهي ته آئينده ججن کي غلط طور تي منسوب ڪيو ويو ته انهن کي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين اسان ڪيس جو آئين ۽ قانون مطابق فيصلو ڪنداسين جمعي تي جسٽس اعجاز افضل جي اڳواڻي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جسٽس اعجازالحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ پانامه ڪيس تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل چيو ته پانامه ڪيس فيصلي کان پوءِ هڪ سياسي ليڊر چيو آهي ته پنج جج وزيراعظم کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي وزيراعظم کي نه ته مان ڪوڙو قرار ڏنو ۽ نه ئي بئنچ جي ٻين ججن هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي بدنام ڪيو ويو ته ڪارروائي ڪئي ويندي هن چيو ته هاني وارننگ ڏيئي رهيا آهيو ته آئينده ججن کي غلط طور تي بيان نه ڪيو وڃي جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. اٽارني جنرل بئنچ جي اڳيان چيو آهي ته توهان کي ڄاڻ آهي ته ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي ڇا ٿي رهيو آهي اٽارني جنرل چيو ته پانامه ڪيس جو معاملو بين الاقوامي آهي ۽ سڄي دنيا جون نظرون ان تي لڳل آهن هن عدالتي ڪارروائي تي ميڊيا تي بحث تي پابندي لڳائڻ جي اپيل ڪئي جنهن تي جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته فريڊم آف پريس جو ڪتاب اسان وٽ موجود آهي اسان کي سوشل ميڊيا يا ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ ايندو آهي جسٽس اعجازاحسن چيو ته ڪوبه ڇا چوي ٿو اسان کي ان جي پرواهه نه آهي اسان قانون ۽ آئين جو حلف کنيو آهي ۽ ان موجب ئي فيصلو ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *