هڪ خطي هڪ شاهراهه جو تصور دنيا ۾ تبديلين جو بنياد رکي ڇڏيو آهي: صدر ممنون حسين
June 21, 2017 at 11:52 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته هڪ خطي هڪ شاهراهه جي تصور دنيا ۾ تبديلين جو بنياد رکي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ خطي ۾ نئين اسٽريجڪ ڊاڪٽرين ضروري ٿي ويندي. اميد آهي ته ان سلسلي ۾ نيشنل ڊفيسن يونيورسٽي دفاعي ٿينڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪندي، صدر اها ڳالهه نيشنل ڊفينس جي 16 ڪانووڪيشن ۽ وارڪورس جي تقرير سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري کي خطاب ڪندي ڪيو، وار ڪورس ۾ هٿياربند فوج ۽ سرڪاري ادارن جي سينئر آفيسرن کان سواءِ 23 دوست ملڪن جا 42 سينئر آفيسر به شامل هيا. ان موقعي تي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر ليفٽينٽ رضوان اختر به خطاب ڪيو، تقريب ۾ وزيراعظم جي نيشنل سيڪيورٽي جي ايڊوائيزر ناصر جنجوعا به موجود هيو. صدر چيو ته 21 صدين حيران ڪندڙ ايجاد ۽ اسٽريٽجڪ تبديلين سبب وڏي حيثيت رکي ٿي سي پيڪ هڪ خطي هڪ شاهراهه جي تصور هن دنيا ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن جو دفاعي معاملن سان به گھرو تعلق آهي. هن چيو ته انهن منصوبن تي جيئن اڳڀرائي ٿيندي خطي ۾ به تبديليون اينديون، هن اميد ظاهر ڪئي ته نيشنل ڊفيس يونيورسٽي مستقبل جي ان چيلينج سان به بخوبي منهن ڏيندي، هجن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن جي درميان جنم وٺندڙ انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ جو رجحان درپيش چيلينجن ۾ وڌيڪ واڌ پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان مسلسل جنگ واري حالت ۾ رهڻو پيو، هن چيو ته آپريشن ضڙب عضب ۽ ردالفساد جا گھربل نتيجا به تمام جلدي ملي ويندا ۽ ملڪ امن امان جو خطو بڻجي ويندو.