اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ ڪلرڪ حڪومت جا اربين رپين جا ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي.چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي واري حڪم جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران حڪومت طرفان مدي کان وڌيڪ اپيل داخل ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت هر ٽيون، چوٿون ڪيس دير سان داخل ڪري ذمو عدالت تي مڙهي ڇڏيندي آهي، هڪ ڪلرڪ حڪومت جا اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي، ڪير نه ڪير ٻڌل هوندو آهي جيڪو فيصلو اچڻ کان پوءِ دٻائي ڇڏيندو آهي، ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکنداسين ته هاڻ نتيجا به ڀوڳيو، اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن ۾ ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ ادارن جو نقصان ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي ويندي؟جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته حڪومت پنهنجو ڪم نٿي ڪري ته حڪومت ڇو ڪلرڪن جي پٺيان وڃي، اسان ڪارروائي جو حڪم ڏيندايسن ته ڪنهن ماتحت تي سموري ذميواري مڙهي ويندي، جنهن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ اُتي سڄي ذميواري ماتحت عملي تي هنئي ويندي آهي، ادارن جا قانوني معاملا ته آفيسرن جي ذمي هئڻ گهرجن ڪلرڪن جي نه، ان اپيل کي به دير سان داخل ڪرڻ جا ذميوار لاڳاپيل آفيسر آهن.سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم جي خلاف اپيل مدي کان وڌي وڃڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي. عدالت قرار ڏنو ته حڪومت جي درخواست ۾ ڪيس جو سبب بيان ناهي ڪيو ويو.