هي حڪومت هاري ۽ پورهيت دشمن آهي، شريفن کي ملڪ مان ڀڄائبو: بلاول ڀٽو
January 19, 2017 at 9:47 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
شيخوپوره(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شريف ڀائر نعرا هڻي رڳيا آهن ته ملڪ ۾ ڏاڍي ترقي ٿي رهي آهي، درحقيقت ملڪ ۾ ڪا به ترقي نظر نه پئي اچي، جنهن ملڪ ۾ هاري ۽ مزدور بکئي پيٽ سمهڻ تي مجبور هجن، ترقي رڳو ميڊيا جي اشتهارن تي ئي نظر اچي رهي آهي. شيخوپوره ۾ ريلي ۾ شريڪ ٿيلن سان خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن دور ۾ شيخوپوره جا چانور دنيا ۾ سڀ کان بهترين سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن چانورن جي خوشبو سان دنيا مهڪندي هئي پر حڪومت جي زراعت دشمني پاليسي جي ڪري ڪٿان جي ناهي رهي. هن چيو ته جڏهن ته حڪومت آئي آهي ڪڻڪ، ڪپهه، چانور، ڪمند ۽ مڪئي سميت هر قسم جو فصل تباهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت فصلن تي سپورٽ پرائس مقرر ڪئي هئي پر ان حڪومت مرغي ۽ انڊن تي سپورٽ پرائس ڏئي ڇڏي جيڪو سندن ڪاروبار آهي.