هي اهو ئي فواد چوڌري آهي جيڪو سدائين آصف زرداري جي تعريف ڪندو هو: مراد علي شاهه

ڪراچي ( م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آفيسرن کي خوف وڪوڙي ويو آهي، اوهان کي خوف جي ماحول مان نڪرڻو ئي ناهي ته پوءِ اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. تفصيل موجب نينشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنجمنٽ ۾ 26 هين ميڊ ڪيريئر مئنجمنٽ ڪورس پروگرام جي تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شريڪ ٿيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته اين آءِ ايم جو ملڪ جي آفيسرن جي ٽريننگ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، اين آءِ ايم جو ٽريننگ پروگرام تمام گهڻو ڪارائتو آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اين آءِ ايم جا ٽريننگ پروگرام تمام گهڻا فائديمند آهن. تربيت مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي وڌايون پيش ڪريان ٿو، وسيلا محدود هئڻ باوجود اداري جي ڪارڪردگي بهتر آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تعليمي معيار جي بهتري لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آفيسرن کي خوف وڪوڙي ويو آهي، اوهان کي خوف جي ماحول ۾ نڪرڻو ئي ناهي ته پوءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. گورننس جا مسئلا آهن. مراد علي شاهه چيو ته کيس ان سلوگن” سي نو ٽو ڪرپشن“ تي اعتراض آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان سڀ ڪرپٽ آهيون. ڪرپشن جو خاتمو سلوگن سان نه گڊ گورننس سان ٿيندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاق اسان جي حصي جا پيسا گهٽ ڏنا آهن، رڳو هلندڙ سال 12 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا.. جنهن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي اهو ئي شخص آهي جيڪو ڪڏهن پرويز مشرف ته ڪڏهن آصف علي زرداري جي تعريف ڪندو هيو، هي سنڌ ۾ بنانالي اڪائونٽن جون ڳالهيون ڪندا آهن، ڪي پي ڪي به بنا نالي اڪائونٽ سامهون آيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ 10 اربن کان وڌيڪ بنا نالي اڪائونٽ سامهون آيا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته فواد چوڌري جي الزامن جو اهي ئي بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو ، هو جڏهن نجي محفل ۾ ملندو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ناهي ڪندو. وزيراعظم پاڪستان لاءِ چين ويو هو. اميد آهي ته چين ۾ سنڌ لاءِ ڳالهيو ويو هوندو، جڏهن ته چين مان وزيراعظم کي ڪجهه به ناهي مليو، وزيراعظم جي چين ۾ ڪيل تقرير ۽ ڪينٽينر واريون تقريرون هڪ جهڙيون آهن. مراد علي شاهه چيو ته نيب جي ويب سائيٽ ڏسو سڀ خبر پئجي ويندي سڀ کان گهڻي ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي، اين آر او جون ڳالهيون ڪير ڪري رهيو آهي خبر ناهي، فواد چوڌري ۽ سندس ڳاليهون هو پاڻ ڄاڻي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *