هيواوي جي سام سنگ ۽ آءِ فون سان مقابلي واري سمارٽ فون متعارف

ڪراچي : چين جي سمارٽ فون تيار ڪندڙ ڪمپني هيواوي پنهنجي نئين فليگ شپ فون ميٽ 9 متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اهي سمورا فيچر موجود آهن، جيڪي ان کي سام سنگ گيليڪسي ايس سيون ۽ آءِ فون سيون جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت ڏين ٿا. ميٽ نائن 5.9 فل ايڇ ڊي ڊسپلي اسڪرين سان گڏ آهي، جنهن جي بيٽري 4000 ايم اي ايڇ پاور جي آهي. ان کانسواءِ فنگر پرنٽ سينسر، بيڪ تي ڊوئل ڪئميرا سسٽم، يو ايس بي ٽائپ سي، 4 جي بي ريم ۽ هيواوي جو پنهنجو ڪيرن 960 پروسيسر فون جو حصو آهي. موبائل جي قيمت 776 ڊالر لڳ ڀڳ81 هزار پاڪستاني رپيا آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *