ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته هينئر تائين ڪورونا جا 182 مريض معمولي علامتن سان فوت ٿي چڪا آهن.سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته صحت کاتو ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ ٻين مرضن جي علامتن سان گڏ اسپتالن ۽ گهرن ۾ موت بابت انگ اکر گڏ ڪري ٿو.هن چيو ته صحت جون ٽيمون ماڻهن سان رابطي ۾ رهنديون آهن، بدقسمتي سان ڪورونا ۾ ماڻهو اسپتال ۾ اچڻ کان گهٻرائن ٿا ۽ صحيح ڄاڻ به نه ڏيندا آهن.عذرا پيچوهو چيو ته گهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ٿين پيون، جنهن جو سبب موت دل جو دورو ۽ ساهه جي بيماري سبب آهي.صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو وڌيڪ چيو ڪيو ته هينئر تائين ڪورونا جا 182 مريض معمولي علامتن سان فوت ٿي چڪا آهن، تنهنڪري ڪورونا جي مريضن کي آڪسيجن جي چڪاس ڪرڻ گهرجي……..