ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خانگي اسپتالن جي مالڪن ۽ سينيئر ڊاڪٽرن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي.وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪراچي ۾ خانگي اسپتالن جي مالڪن ۽ ڊاڪٽرن جي سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ٿي، جتي وڏي وزير چيو ته مان توهان سڀني کي اعتماد ۾ وٺڻ ٿو چاهيان، ڇو ته مون کي هن جنگ ۾ توهان سڀني ماهرن جي رهنمائي گهرجي.هن چيو ته هيءَ وڏي جنگ آهي، جنهن ۾ اسان کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي، اسان ترجيحي بنيادن تي اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن لاءِ آءِ سي يو ۽ سي سي يو به قائم ڪيا آهن، اسان سڀني سرڪاري اسپتالن کانسواءِ به آئسوليشن سينٽر ٺاهيا آهن.سيد مراد علي شاهه خانگي اسپتالن جي مالڪن کي صلاح ڏني ته توهان وٽ ڪورونا وائرس جا الڳ بسترا ۽ آءِ سي يو يونٽ هجڻ گهرجن، سنڌ حڪومت وٽ محدود وسيلا آهن، ان باوجود 104 بسترن تي سرڪاري اسپتال ۾ انتظام ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته اسان کي جيتريون ٽيسٽون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽس گهٽ هجڻ سبب اهي نه پيا ڪري سگهون.ان موقعي تي نجي اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته سموريون نجي اسپتال حڪومت سان هر قسم جي سهڪار لاءِ تيار آهن.لياقت نيشنل اسپتال جي سلمان فريد چيو ته اسان کي پرسنل پروٽيڪٽو اڪيومينٽس، سڃاڻپ ڪٽيون ۽ دوائون گهربل آهن، مالي مدد ڪيو ته مريضن جو سستو علاج ڪري سگهون.ڊاڪٽر جنيد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان زبردست ڪم ڪيو آهي پر ڪورونا وائرس جي مريضن کي عام اسپتالن ۾ نه موڪلڻ گهرجي، اسان توهان جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهيون.وڏي وزير جي ترجمان موجب ان موقعي تي خانگي اسپتالن جي مالڪن ۽ سينيئر ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت کي لاڪ ڊائون ۾ واڌ جي تجويز ڏني.سندن چوڻ هو لاڪ ڊائون ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته مريضن جو انگ تيزيءَ سان وڌندو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سميت ملڪ جو صحت جو نظام ويهجي ويندو.ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ان تجويز تي صلاح مشورو ڪنداسين.