اسلام آباد(بيورو)قومي احتساب بيورو(نيب) جي چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال گذريل ڏينهن ڏنل پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.20 نومبر تي چيئرمين نيب تقريب کي خطاب ۾ چيو هو ته هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي. ڪوبه اهو نه سمجهي ته حڪمران ڏاڍا آهن. هاڻ نيب جي سربراهه پنهنجي بيان جي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته هميشه چيو ويندو آهي ته نيب جو پاسو هڪ طرفو آهي. ان لاءِ پوئين ڀيري مجبور ٿي اهو چوڻو پيو ته هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف 35 سال جو دور ۽ ٻئي طرف 12-14 مهينن جو دور آهي. اوهان کي ٿورو فرق ته رکڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت ۾ پهريون ڀيرو وڏا وڏا ڇڪا هڻندڙ جيلن ۾ يا پرڏيهه ۾ آهن. مني لانڊرنگ اربين نه پر کربين روپين ۾ ٿي آهي. اهڙيون به حڪومتون آهن جتان ڪروڙين روپين جي مدد ڪئي وئي پر اتي ٻارڙا ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي مري رهيا آهن ۽ کين ويڪسين به نه پئي ملي. جيڪڏهن حساب گهريو وڃي ته چيو وڃي ٿو ته صرف هڪ ئي صوبو نظر اچي ٿو.ياد رهي ته نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جنهن تقريب ۾ وضاحت ڏني آهي ان ۾ ئي هڪ نئون پنڊورا باڪس به کولي ڇڏيو آهي. هن چيو آهي ته مالم جبه ۽ پشاور بي آر ٽي تي عدالتن حڪم امتناع ڏئي رکيو آهي حڪم امتناع ختم ٿيندو ته انهن جو به وارو ايندو. واضح رهي ته مذڪوره ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرف اشارو ڪيو ويو آهي.