ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته هن سال پاڻي جي صورتحال بهتر آهي، آبادگارن کي فائدو ڏنو ويندو،آبادگار ٻجن جي پوکائي دوران ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا. آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال آبادگارن لاءِ ويڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته ڪوٽڙي بئراج جا آبادگار 20 مئي کان پوکائي شروع ڪن جن کي 20 مئي کان پاڻي ڏنو ويندو.سندس چوڻ هو ته سارين جي پوکائي 20 مئي کان شروع ٿي ته پاڻي جو مسئلو نه ٿيندو.آبپاشي واري وزير چيو ته سکر بئراج جي ساڄي پاسي وارن آبادگارن کي هن سال پهرين مئي کان سارين جي ٻيجاري لاءِ پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو ويندو، ان ڪري پوکائي مئي ۾ شروع ڪئي وڃي.سهيل انور سيال چيو ته گڊو بئراج جي بي ايس فيڊر کي پهرين جون ۽ ڊي ايس فيڊر کي 15 مئي کان پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو ويندو،