پشاور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئر مين آصف علي زرداري چيو آهي ته هن دفعي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين۽ هر حلقي ۾ ووٽ جي لاءِ جنگ وڙهنداسين ۽ نتيجا سامهون اچڻ تائين پولنگ اسٽيشنن کان پري نه ٿينداسينڪي پي ڪي ۾ ماڻهون بي گھر آهن، ماڻهن ۾ جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو، شناختي ڪارڊ روڪيا ٿا وڃن، موقعو مليو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي سان ملائينداسين، نواز شريف جي سوچ آمريڪا جي سوچ آهي. ائين ٿيڻ نه ڏينداسين حڪمران غلط فهمي ۾ آهن ته پنجاب ۾ ريل گاڏيون ۽ رستا ٺاهڻ سان ووٽ ملندا ۽ حڪومت ٺاهينداسين. ڪارڪنن کي تقرير ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪي پي ڪي اين ايف سي ايوارڊ ۽ پختونن کي انهن جو حق ڏنو .سي پيڪ جو خواب مون پختونن ۽ بلوچن لاءِ ڏٺو جنهن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو تنهن هوندي اسان خواب ضرور مڪمل ڪنداسين، ان چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ماڻهو بي گھر آهن، ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو پيو وڃي شناختي ڪارڊ روڪيا پيا وڃن جڏهن ته ڪراچي جتي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي پختونن جو سڀ کان وڏو شهر آهي وعدو ڪيان ٿو جيڪڏهن ٻيهر موقعو مليو ته جيئن پختونن کي خيبر پختونخواه جو تحفو ڏنو اهڙي طرح فاٽا کي خيبر پختونخواهه سان ملائينداسين. آصف علي زرداري چيو ته اسان جا مخالف جيڪي چوندا هئا ته 3 يا 6 مهينن ۾ بجلي نه آئي ته نالو مٽائي ڇڏينداسين، پيپلز پارٽي جي حڪومت جي دور ۾ افغانستان ۾ امن هو ۽ افغان حڪومت سان تعلق تمام سٺا هئا. اسان جا پاڙيسري دوست آهن انهن سان دوستي ڪرڻ گھرجي، نواز شريف جي سوچ آمريڪا جي سوچ آهي خطي ۾ پهريان فساد پيدا ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ جنگ ڪرائي وڃي ٿي پر اسان ائين نه ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته موجوده حڪومت کان معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿي رهيون آهن نوان ڪرنسي نوٽ ڇاپيا وڃن پيا ۽ قرض مٿان قرض ورتو پيو وڃي اهي سمجھن ٿا مغل سلطنت هميشه قائم رهندي، هن جو چوڻ هو ته مان واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن دفعي ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين هر پولنگ اسٽيشن تي قبضو ڪنداسين ۽ هڪ هڪ ووٽ جي لاءِ جنگ وڙهنداسين ان وقت تائين پولنگ اسٽيشن تي ويٺا هونداسين جيستائين نتيجو نه ايندو. هن چيو ته گھٽ عقل وارا دوست ڏسي سگھن ته ڪي پي ڪي ۾ ڪهڙي باهه لڳل آهي، فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته فاٽا کي خيبر پختونخواهه ڪرڻو آهي پهريان ڪي پي ڪي ۾ گورنر فاٽا مان چونڊيو هيو. هن چيو ته گذريل چونڊن ۾ مونکي عدالت چونڊ مهم هلائڻ کان روڪيو هيو پر هن دفعي حصو وٺي چونڊون کٽي وٺنداسين هن چيو ته پرويز مشرف کي آمريڪا هڪ ئي ڌمڪي ڏني جنهن سان هو گھٻرائجي ويو.