خيرپور( رپورٽ؛شاهد نواز سيال ) هنڱورجا ۾ پي ايف يو جي، سکر ۽ خيرپور جي سينيئر صحافين جي مان ۾ آجياڻو، سوين صحافين جي شرڪت صحافين جي مسئلن لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ جو وچن. هنڱورجا يونين آف جرنلسٽس ۽ هنڱورجا پريس ڪلب پاران پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اسٽنٽ سيڪريٽري جنرل لالا اسد پٺاڻ، سکر پريس ڪلب جي صدر جاويد ميمڻ، عهديدارن، سکر يونين آف جرنلسٽس،خيرپور پريس ڪلب جي صدر خان محمد خان عهديدران ۽ خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي عهديدارن کي آجياڻو ڏنو ويو.پروگرام ۾ خيرپور، نوشهروفيروز،سکر ضلعن جي سوين صحافين شرڪت ڪئي.پروگرام جي صدارت پي ايف يو جي جي اسٽنٽ سيڪريٽري جنرل لالا اسد پٺاڻ ڪئي. خاص مهمانن ۾ سکر پريس ڪلب جو صدر جاويد ميمڻ،سکر يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري امداد بوزدار،سيفما سکر چئپٽر جي صدر ، سکر پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري نصرالله وسير، نائب صدر ياسر فاروقي، خيرپور پريس ڪلب جو صدر خان محمد خان، سينيئر صحافي زمان باجوا، خيرپور يونين آف جرنلسٽس جو صدر سيد عبيد شاهه، جنرل سيڪريٽري آصف حسن زيدي، سنڌي ادبي سنگت ضلعي خيرپور جو رابطا سيڪريٽري لالڻ چنو، استاد اڳواڻ الهرکيو خاصخيلي ۽ سماجي اڳواڻ حاجي اعجاز احمد ملاح شامل هئا. پروگرام کي خطاب ڪندي ناليواري صحافي لالا اسد پٺاڻ چيو ته سنڌ جي صحافين سان وڏيرن، ڪامورا شاهي ۽ پوليس جي ڪرپٽ آفيسرن کان درپيش اندڙ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن .هو چاهين ٿا ته صحافي سچ نه لکن ۽ سندن سمورن ظلمن کي لڪائيندي سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي .سکر پريس ڪلب جي صدر جاويد ميمڻ چيو ته صحافي پاڻ ۾ متحد آهن هاڻي ڪنهن کي به صحافين سان ناجائزي ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي.هن قسم جو شاندار پروگرام ڪرڻ تي هنڱورجا جي صحافين جا ٿورائتا آهيون.خيرپور پريس ڪلب جي صدر خان محمد خان چيو ته صحافتي اخلاقيات کي سامهون رکي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ پيداگيري وارو رجحان پيدا ٿي ويو آهي پر انهن جي هاڻ ڇانڊي ڪرڻي پوندي،سينيئر صحافي خادم ڪلهوڙو چيو ته سرڪاري ملازمن کي صحافتي تنظيمن تي قبضو ڪرڻ جو نه سوچڻ گهرجي..پروگرام ۾ سکر ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي ڪاشف ڦلپوٽو، علي محمد شر، صلاح الدين قريشي،فرقان کوسو،شاهد چنو، غفور شيخ،اشاد ڊنڊڻ،سردار دين محمد ڪلهوڙو، ظهير جماڻي،شاهنواز ڪلهوڙو،شاهد نواز سيال،شڪيل جانوري، فرحان ميتلو، محمد موسي سيال، ظفر تڳر، جبار ملاح، خادم سيال، محمد سومر گهانگهرو،محمد صالح شر، محمد عظيم شر، عبداللطيف شر، نعيم شر،قربان پنهيار، مجاهد قربان، اصلاح الدين قريشي،علي محمد ڀنگو،ضمير ميمڻ، هالاڻي پريس ڪلب جي صدر سيد جاني شاهه،اصغر علي قاضي، خالق ڏنو ملاح، محمد عارب ملاح، منور ملاح، سليم رضا لنڊ، امير بخش گوپانگ، احمد رند، حسين بخش رنگ، ممتاز علي رنگ،عبدالرحيم عباسي، جاويد پنهور ،ممتاز اعواڻ،تسليم پنهور،محمد علي سروهي،اسلم پريمي ،غلام شبير خاصخيلي،الهداد اڄڻ، سعيد سڪندر منگي، عبدالمجيد ڪيريو، محبوب نوناري سميت مختف شهرن جي صحافين سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.پروگرام ۾ آيل اڳواڻن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ويا.