هنگامي حالتن ۾ سمورا وسيلا قوم تي لڳائينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪا به حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهيون، ان ۾ ڏهاڙي کندڙ مزدور پهرين ترجيح آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان مجموعي صورتحال ۽ ملڪ ۾ ضروري شين جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته صوبن ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ حڪومتي رليف پيڪيج حقدارن تائين پهچائن لاءِ رضاڪار فورس جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي خاص ٽاسڪ سونپيو ويندو ۽ هزارين پارٽي عهديدارن کي ڪورونا رليف ٽائيگرز پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.ان موقعي تي عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ کٽڻ لاءِ هر شهري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مون کي يقين آهي ته قوم متحد ٿي ان آزمائش جو مقابلو ڪندي، محدود وسيلن باوجود هر سرڪاري ادارو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا به حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهن، ان ۾ ڏهاڙي کڻندڙ مزدور پهرين ترجيح آهي، هنگامي حالتن ۾ سمورا وسيلا قوم تي لڳائينداسين.هن صوبائي حڪومتن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ذخيرو ڪندڙ ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن، صوبائي حڪومتون انهن خلاف سخت ايڪشن وٺن.وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته سڀاڻي قوم سامهون مڪمل روڊ ميپ رکندس، ڏکئي وقت ۾ ليڊرشپ جو امتحان هوندو آهي، گهٻراهٽ ۾ ڪيل فيصلا درست ناهن هوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *